يمن ۾ قيد ماڻهن جي شهريت جي تصديق ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سفارتي رابطا جاري آهن: خرم دستگير خان

يمن ۾ قيد ماڻهن جي شهريت جي تصديق ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سفارتي رابطا جاري آهن: خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته يمن ۾ قيد ماڻهن جي شهريت جي تصديق ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ سفارتي رابطا جاري آهن، جيڪڏهن ڪو پاڪستاني يمن ۾ قيد ٿيو ته ان کي واپس آڻڻ جي لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪيا ويندا، اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر مشاهد حسين سيد جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته يمن جي صورتحال خراب ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ حڪومت خصوصي اڏامن جو انتظام ڪيو آهي، جيستائين يمن جي جيل ۾ پاڪستان جي موجودگي جو تعلق آهي ان سلسلي ۾ ڪجهه اطلاعن موجب انهن جو تعداد 22 ۽ ڪجهه جي مطابق 10 يا 6 آهي پر هينئر تائين انهن ماڻهن جي شهرت جي تصديق ناهي ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ اسان جواسلام آباد ۾ يمن جي سفارتخاني جي عملدارن سان رابطو آهي، جڏهن ته رياض ۾ پاڪستان جو سفارتي عملو به لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته گهرو وزارت کي به انهن ماڻهن جي شهريت جي تصديق لاءِ خط لکيو ويو آهي، هن چيو ته حڪومت پنهنجي شهرين جي هر ممڪن مدد ڪندي، شهريت جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ يمن ۾ موجود پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:18