صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران مدينه منوره ۾ روضه رسول صه تي حاضري

صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران مدينه منوره ۾ روضه رسول صه تي حاضري

مدينه منوره (پاکستان پوائنٹ نیوز10دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مدينه منوره ۾ روضه رسول صه تي حاضري ڏني ۽ ظهر جي نماز ادا ڪئي. صدر رياض الجنه ۾ به نوافل ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. هن مسلمان امت جي سلامي ۽ امت جي مسئلن جي حل لاءِ به دعا ڪئي، ان کانپوءِ صدر پاڪستان جنت البقيع ويو، مسجد نبوي صه ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستانين صدر کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳايا، ڊاڪٽر عارف علوي هٿ لوڏي نعرن جو جواب ڏنو.