وزيراعظم محمد نواز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي ملاقات

وزيراعظم محمد نواز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي ملاقات

نيويارڪ (پاکستان نیوز پوائنٹ 19ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ڪالهه سومر ڏينهن هتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خصوصي معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ٻيا پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل ٽن سالن دوران آمريڪي صدر سان پنهنجي تعميري ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ۽ زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا، گڏيل خواهش تي ٻڌل رهيا آهن ۽ اها حصيداري علائقائي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان جان ڪيري کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ کان پٽڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان امن ۽ سلامتي جي حوالي سان گڏيل مفاد رکن ٿا. جان ڪيري موجوده حڪومت جي اقتصادي بحالي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪامياب تڪميل کي ساراهيو. هن بجلي جي مختلف منصوبن جي تڪميل ذريعي سسٽم ۾ هزارين ميگاواٽ بجلي شامل ڪرڻ جي ڪوشش کي پڻ ساراهيو. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ تعليم جي لاءِ ڪوششون مثبت آهن. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ۽ معيشت جي شعبي ۾ ترقي ٿي آهي جنهن سان جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 4.7 سيڪڙو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪستان سدائين اخلاقي ذميواري طور دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي آهي، آئون سدائين علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ جو خواهشمند رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي هٿان 107 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ هزارين ڪشميري زخمي ٿيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ رياستي سطح تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مون کي هن وقت به آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جوواعدو ياد آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي ٻطرفن تڪرارن ۽ مسئلن جي حل ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اميد ڪريان ٿو ته آمريڪا جي موجوده انتظاميا ۽ پرڏيهي وزير جان ڪيري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻطرفن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته دهشتگردن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهي ڀڄي رهيا آهن. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سڄي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف قومي عزم مضبوط آهي. افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته چار ڌريي رابطا گروپ (ڪيو سي جي) تحت ڪيل ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن جا پاڪستان ۽ آمريڪا ميمبر آهن. وزيراعظم افغانستان سان بامعنيٰ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو.