وزيراعظم جي عظيم صوفي بزرگ حضرت جلال الدين رومي جي مزار تي حاضري

وزيراعظم جي عظيم صوفي بزرگ حضرت جلال الدين رومي جي مزار تي حاضري

قونيه (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) وزيراعظم عمران خان ڪالهه خميس ڏينهن ترڪيءَ جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وفد سان گڏ عظيم صوفي بزرگ حضرت جلال الدين رومي جي مزار تي حاضري ڀري. مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عظيم صوفي بزرگ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مولانا جلال الدين رومي جو ڳاڻيٽو عظيم صوفي بزرگن ۾ ٿئي ٿو جن جا صوفياڻا ڪتاب روحاني موضوعن تي شاهڪار ۽ لازوال آهن. هن چيو ته مولانا روم علامه اقبال جو روحاني پيشوا هو. وزيراعظم چيو ته ترڪيءَ سان اسان جا تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن