وزيراعظم جي برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت

وزيراعظم جي برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دولت مشترڪه جي ٻين حڪومتي ۽ مملڪتي سربراهن سان گڏ ڪالهه خميس ڏينهن برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. اها تقريب لنڊن جي سينٽ جيمز محل ۾ ٿي. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پڻ ٿريسامي سان گڏ موجود هئي. آجياڻي واري تقريب کانپوءِ سمورا اڳواڻ ايگزيڪيوٽو سيشنز جي لاءِ لنڪاسٽر هائوس پهچي ويا. 25 هين دولت مشترڪه سربراهه اجلاس جو موضوع ”هڪ ٻئي سان گڏجي مستقبل طرف“ آهي. شاهد خاقان عباسي اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو سيشنز ۽ ريٽريٽس ۾ پڻ شريڪ ٿي رهيو آهي. لنڪاسٽر هائوس ۾ ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو سيشنز ۾ دولت مشترڪه ملڪن جي بهتر مستقبل تي ڳالهه ٿيندي. وزيراعظم جي اجلاس ۾ شرڪت پاڪستان ۾ دستياب موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان کي اڀرندڙ منڊي طور دنيا آڏو آڻڻ ۾ مددگار ٿيندي.