وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي شهزاده چارلس سان ملاقات

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي شهزاده چارلس سان ملاقات

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پرنس آف ويلز شهزاده چارلس سان ڪليرنس هائوس لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم برطانيا کي ڪامن ويلٿ هيڊز آف گورنمينٽ ميٽنگ 2018ع (سي ايڇ او جي ايم) جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان دولت مشترڪه کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ايندڙ 2 سالن لاءِ دولت مشترڪه جي برطانيا کي صدارت ملڻ جي آجيان ڪري ٿو. وزيراعظم عالمي سطح تي خيراتي ادارن جي لاءِ برطانيا جي شاهي خاندان جي خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي پرنس آف ويلز شهزاده چارلس پاڪستان جي ڪامن ويلٿ هيڊز آف گورنمينٽ ميٽنگ 2018ع ۾ اعليٰ سطحي تي شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ خدمتن کي پڻ ساراهيو.