پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران راجا فاروق حيدر خان آزاد ڪشمير لاءِوزيراعظم نامزد

پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران راجا فاروق حيدر خان آزاد ڪشمير لاءِوزيراعظم نامزد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔27 جولائی۔2016) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير، قانونساز اسيمبلي ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي آزاد ڪشمير جي صدر راجا فاروق حيدر خان کي ايندڙ وزيراعظم نامزد ڪيو ويو آهي. پارلياماني پارٽي جو اجلاس اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان، چوڌري محمد برجيس طاهر، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ راجا ظفر الحق، خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير سردار مهتاب احمد خان، مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻو وزيراعظم سردار سڪندر حيات خان کانسواءِ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي ايندڙ وزيراعظم لاءِ راجا فاروق حيدر خان کي نامزد ڪيو ويو، واضح رهي ته 21 جولاءِ تي ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) 41 سيٽن مان 31 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ سيٽ ان جي اتحادي پارٽي ڄمون ڪشمير پيپلزپارٽي حاصل ڪئي، مسلم ليگ (ن) کي آزاد ڪشمير ۾ واضح اڪثريت حاصل ٿي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:36 خبر نمبر -- -- - 05