دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس شروع ٿي ويو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي

دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس شروع ٿي ويو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن هتي شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ باضابطا افتتاحي تقريب بڪنگهم پيليس ۾ ٿي. برطانيا جي ملڪه ايلزبيٿ ٻه 53 رڪني دولت مشترڪه سربراهه اجلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ملڪه برطانيا نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اهو يقين ظاهر ڪيو ته وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال دنيا ايندڙ نسل جي حوالي ڪئي ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته دولت مشترڪه سربراهه اجلاس 2018ع ۾ شريڪ اڳواڻ راين ۽ تجويزن جي مٽاسٽا ڪندا جنهن سان 53 رڪني تنظيم ۾ ڊگهي مدي واري تعاون کي هٿي ملندي. واضح رهي ته لنڊن ۾ 40 سالن کانپوءِ دولت مشترڪه جو اجلاس ٿي رهيو آهي جيڪا 2.2 ارب کان وڌيڪ آبادي تي ٻڌل تنظيم آهي. افتتاحي تقريب کي پرنس آف ويلز شهزاده چارلس، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي، دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پٽريشا اسڪاٽ لينڊ پڻ خطاب ڪيو. شهزاده چارلس پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سربراهه اجلاس دولت مشترڪه جي ملڪن کي درپيش مسئلن جو حل ڳولڻ جي لاءِ نئين عزم سان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندو. برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پنهنجي خطاب ۾ دولت مشترڪه ملڪن کي درپيش مختلف چئيلنجن کي اجاگر ڪندي چيو ته واپار، معيشت، روزگار، عوامي صحت، سائبر ڪرائيم جهڙن شعبن ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر تعاون جي ضرورت آهي. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي 6 ملڪن جي گلوڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان کان اڳ برطانيا جي ملڪه ٻئي شاهي خاندان سان گڏ مهمانن جو استقبال ڪيو. بڪنگهم پيليس اچڻ تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سربراهن کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. بعد ۾ لنڪاسٽر هائوس ۾ ايگزيڪيوٽو ويهڪن جي شروعات کان اڳ وزيراعظم فرائيري ڪورٽ روانو ٿي ويو جتي برطانوي وزيراعظم ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل سندس آجيان ڪئي.