دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس شروع

دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس شروع

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن هتي شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي شاهد خاقان عباسي ڪري رهيو آهي. ملڪه برطانيا دولت مشترڪه سربراهه اجلاس باقاعده شروع ڪيو. دولت مشترڪه اجلاس جي حوالي سان تقريب بڪنگهم پيليس ۾ ٿي. تقريب جي ميزباني ملڪه برطانيا ڪئي. برطانيا جي ملڪه ٻئي شاهي خاندان سان گڏ مهمانن جو استقبال ڪيو. بڪنگهم پيليس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سربراهن کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو.