سينيٽ چيئرمين پاران ايشيائي پارليماني اسيمبلي جي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن لاءِ پيغام

سينيٽ چيئرمين پاران ايشيائي پارليماني اسيمبلي جي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن لاءِ پيغام

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 30 نومبر 2018ء) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي طرفان ايشيائي پارليماني اسيمبلي جي استنبول ۾ منعقد سالياني اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي نالي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته ايشيائي پارليماني اسيمبلي ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر، وچ ايشيا، آفريقا ۽ يورپ جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي فروغ طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين جو پيغام سينيٽر بئريسٽر محمد علي خان سيف 11 هين سالياني اجلاس کي خطاب ڪندي پيش ڪيو. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت تي جڏهن ايشيائي هم آهنگي کي اختلافن سبب مسئلا درپيش آهن، ايشيائي پارليماني اسيمبلي جي فورم تي باقاعده واپاري رابطا ۽ اقتصادي مقصد حاصل ڪرڻ طرف مددگار ثابت ٿي سگهون ٿا، هن چيو ته بين الارياستي ۽ علائقائي لاڳاپن کي پهرين سياسي نقطه نظر سان ڏٺو ويندو هو جڏهن ته موجوده دور ۾ انهن لاڳاپن جو بنياد موثر معاشي ۽ واپاري رابطن تي آهي، پاڪستان جو پارليماني وفد ترڪي جي شهر استنبول ۾ منقعد ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي، وفد ۾ سينيٽر بئريسٽر محمد علي خان سيف، نزهت صادق، مير ڪبير احمد محمد شاهي، احمد خان، مولابخش چانڊيو، محمد ايوب آفريدي، ايم اين اي چوڌري سالڪ حسين، ايم اين اي مخدوم زين حسين قريشي ۽ سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ شامل آهن.