او آءِ سي پاران اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت

او آءِ سي پاران اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت

استنبول (پاکستان پوائنٹ نیوز 19 مئی 2018ء) اسلامي ڪانفرنس تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ بيگناهه فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺي، القدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر قرار ڏيڻ جو آمريڪي قدم فلسطيني عوام جي قانوني، تاريخي، فطري ۽ قومي حقن تي حملو ۽ امن جي امڪانن، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڄاڻي واڻي خطرا پيدا ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي، القدس شريف کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ يا اتي پنهنجو سفارتخانو منتقل ڪندڙ ملڪن جي خلاف مناسب سياسي، اقتصادي ۽ ٻي نوعيت جا قدم کنيا وڃن. اها ڳالهه ترڪ جي شهر استنبول ۾ اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي غير معمولي سربراهي اجلاس جي پچاڻي تي جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ ڪئي وئي آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي بي رحماڻي جارحيت ۽ القدس شريف ۾ آمريڪي سفارتخاني جي غير قانوني افتتاح سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلامي تعاون جي تنظيم (او آءِ سي) جي حڪومتي ۽ ملڪي سربراهن جو 17 هين غير معمولي اجلاس ترڪ جي صدر ۽ او آءِ سي جي 13 هين سيشن جي چيئرمين رجب طيب اردوان جي دعوت تي 18 مئي 2018ع تي استنبول ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فلسطين رياست جي والاريل علائقن ۾ خطرناڪ صورتحال ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن مسلمان امت جي ان طرح جي اهم مسئلي تي غير معمولي اجلاس گهرائڻ تي رجب طيب اردوان جو ٿورو ادا ڪيو، اجلاس جي شرڪت ڪندڙن 5 ۽ 6 مئي تي ڍاڪا ۾ تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ فلسطين ۽ القدس شريف جي حوالي سان قراردادن کي ساراهيو، شرڪت ڪندڙن سعودي عرب جي شهر دهران ۾ عرب ليگ جي 29 هين سربراهه اجلاس ۾ فلسطين جي حوالي سان قراردادن ۽ سربراهه اجلاس کي ”القدس سمٽ“ جو نالو ڏيڻ جي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي قدم جي واکاڻ ڪئي، شرڪت ڪندڙ زور ڏنو ته او آءِ سي جو بنيادي مقصد القدس شريف جي تاريخي، قانوني ۽ روحاني اهميت کي تحفظ ڏيڻ ۽ اسرائيل جي طرفان هر طرح جي خلاف ورزين جي روڪٿام لاءِ ضروري قدم کڻن ۽ اسرائيل جي نو آبادياتي ۽ نسل پرستانيڻ پاليسين جي خلاف فلسطيني عوام جي حمايت ڪرڻ آهي، شرڪت ڪندڙن والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي غزه جي پٽي، جتي بي گناهه فلسطيني مسلمان پنهنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج ۽ اسرائيلي غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي خلاف پرامن احتجاج جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، ۾ اسرائيلي فوج جي مجرماڻي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي، شرڪت ڪندڙن والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين خاص طور تي تازن واقعن ۾ 60 معصوم فلسطيني شهرين جي شهادت ۽ 2700 جي زخمي ٿيڻ جو اسرائيل کي ذميدار بڻايو ۽ قرار ڏنو ته آمريڪي انتظاميه جي پٺڀرائي جنهن ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل قبصي لاءِ ان کي شيلڊ جي فراهمي شامل آهي، تي اسرائيلي فورسز ان طرح جا وحشياڻا ڏوهه ڪري رهي آهي، اسرائيل ان ڏوهه جو ارتڪاب آمريڪي انتظاميه جي اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني کي والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي غير قانوني فيصلي کانپوءِ ڪيو، جنهن فلسطيني شهرين ۽ آبادي جي خلاف اسرائيلي حڪومت جي لاپرواهي تي ٻڌل رويي کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، هي اجلاس عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل قابض قوت اسرائيل جي ڏوهن تي ان کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميدارين تي عملدرآمد ڪري ۽ اسرائيل جي طرفان بي گناهه فلسطينين تي بي رحماڻي ظلمن جي خاتمي ۽ فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ ڏيڻ جي پنهنجي ذميدارين کي پورو ڪري. گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطيني آبادي جي عالمي تحفظ بشمول عالمي تحفظ فورس جي مقرر تي زور ڏنو ويو آهي، پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽ کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو غزه جي پٽي ۾ معصوم ۽ پرامن فلسطيني مظاهرين تي اسرائيلي فوج جي بي رحماڻي ظلمن جي جاچ جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهرن جي آزاداڻي ڪميٽي جي قيام لاءِ جلد کان جلد قدم کڻي، غزه ۾ فلسطينين جي خلاف تازي ظلمن جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن واري ڪائونسل، انساني حقن لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن تي زور ڏنو ويو ته اهي عالمي جاچ ڪميٽي جي قيام لاءِ ضروري قدم کڻن، اها ڪميٽي مقرر مخصوص وقت ۾ حقيقتون جاچيندي ته جيئن اسرائيلي ظلمن جو شڪار ٿيندڙ فلسطينين کي انصاف فراهم ٿي سگهي ۽ طاقت جي بي رحماڻي استعمال ڪندڙ اسرائيلي عهديدارن جو گهيرو ڪري سگهجي، گڏيل پڌرنامي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنرل اسيمبلي ۽ انساني حقن واري ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته هو ان ڏس ۾ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري ۽ ان معاملي کي جنرل اسيمبلي، سلامتي ڪائونسل ۽ انساني حقن جي ڪائونسل جي ايجنڊا تي فوري طور تي آڻڻ لاءِ سمورن ملڪن کي دعوت ڏي. گڏيل پڌرنامي ۾ سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر ڪويت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي جنهن 15 مئي تي سلامتي ڪائونسل ۾ ان مسئلي تي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست پيش ڪئي هئي، گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطين جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عالمي ۽ علائقائي تنظيمن سميت عرب ليگ، يورپي يونين ۽ آفريقي يونين سان رابطن ۽ ڪم کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي، ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪن فلسطيني ڪاز جي مرڪزيت، مسلمان امت لاءِ فلسطين ۽ القدس شريف جي اهميت ۽ فلسطيني عوام لاءِ هر قسم جي اصولي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ميمبر ملڪن 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي آزاد فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس شريف هوندو، جي قيام ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري واري حق جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ آمريڪي صدر جي ان فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ القدس کي اسرائيل، جيڪا هڪ جارح رياست آهي، جو نام نهاد گادي وارو هنڌ قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته آمريڪا جو هي قدم فلسطيني عوام جي قانوني، تاريخي، فطري ۽ قومي حقن تي حملو ۽ امن جي امڪانن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڄاڻي واڻي خطرا پيدا ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ القدس شريف ۾ آمريڪي سفارتخاني جي افتتاح جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان کي مسلمان امت، فلسطيني قومي حقن ۽ انساني حقن جي بين الاقوامي قانونن جي کلي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هي عالمي نظم سميت گڏيل قومن تي هڪ حملو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف غير قانوني ۽ مجرماڻي قدمن ۾ اضافي جو موقعو ملندو. هي اجلاس القدس شريف کي فلسطين جو مستقل گادي جو هنڌ قرار ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو،القدس شريف ۾ آمريڪي سفارتخاني جي افتتاح سان نه رڳو والاريل شهر جي قانوني حيثيت تبديل ٿي آهي نه ئي ان جو اسرائيل سان غير قانوني الحاق ٿي سگهي ٿو، گڏيل پڌرنامي ۾ اردن جي شاهه عبدالله ۽ مراڪش جي شاهه محمد ٻي طرفان القدس شريف جي تحفظ، بحالي ۽ بهتري لاءِ قدمن جي حمايت ڪئي وئي آهي، ڪا به رياست جيڪا آمريڪي انتظاميه جيئن قدم کڻڻدي اها عالمي قانون ۽ قائدن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، اجلاس ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته ان طرح جي شرمناڪ قدمن جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ٻين ملڪن کي پنهنجي سفارتخانا آمريڪا جي طرح القدس ۾ منتقل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. ڪانفرنس جي گڏيل پڌرنامي ۾ گوئيٽي مالا جي مذمت ڪئي وئي آهي جنهن آمريڪا جي نقش قدم تي القدس ۾ پنهنجو سفارخانو منتقل ڪيو، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته القدس شريف کي اسرائيل جي گادي جو شهر تسليم ڪرڻ يا اتي پنهنجا سفارتخانا منتقل ڪندڙ ملڪن جي خلاف مناسب سياسي، اقتصادي ۽ ٻي نوعيت جا قدم کنيا ويندا، ان سلسلي ۾ جنرل سيڪريٽريٽ کان مناسب تجويزون تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، سمورن ميمبر ملڪن کي چيو ويو آهي ته هو سمورا دستياب قانوني ۽ سفارتي موقعن جو استعمال ڪندي فلسطينين جي قومي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ آمريڪا ۽ ٻي ڪنهن به ڌر جي طرفان غير قانوني قدمن جي مذمت ڪن، پڌرنامي ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته اهي ملڪ جيڪي عالمي عهدن لاءِ پنهنجي اميدوارن جي لاءِ حمايت چاهين ٿا، جو جائزو وٺي رياست فلسطين خاص طور تي بيت المقدس جي ڪاز لاءِ انهن ملڪن جي ڪردار جي روشني ۾ طئي ڪيو ويندو، گڏيل پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي چيو ويو آهي ته هو گڏيل ڪاز لاءِ عالمي فورمن تي او آءِ سي جي طرفان پيش ڪيل قراردادن جي حمايت ڪري، ميمبر ملڪ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ، او آءِ سي جي ٻين ادارن ۽ خصوصي ادارن تي زور ڏنو ويو ته هو القدس کي اسرائيلي گادي جو هنڌ قرار ڏيڻ يا آمريڪا جي طرفان القدس شريف ۾ پنهنجو سفارتخانو منتقل ڪرڻ جي قدمن جي حمايت ڪندڙ ملڪن، عملدارن، پارليامينٽ جي ميمبرن، ڪمپنين ۽ شخصيتن جي خلاف اقتصادي پابندين جي حوالي سان ضروري قدمن کي يقيني بڻائين، ميمبر ملڪن ۽ عالمي برادري کان اسرائيلي مصنوعات جي بائيڪاٽ ۽ پابندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي انهن ماڻهن ۽ ادارن جي خلاف قدمن جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪي اسرائيلي غير قانوني قبضي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطيني عوام جي سمورن جائز بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ ۽ فلسطيني عوام کي اسرائيلي جارحيت کان تحفظ ڏيارڻ لاءِ سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ظاهر ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ آمريڪا تي زور ڏنو ويو ته هو اسرائيل جي نوآبادياتي قبضي جي خلاف موقف کڻي ۽ گڏيل قومن جي قراردان ۽ عالمي قانونن جي مطابق جامع امن جي قيام لاءِ غير جانبداري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل پڌرنامي ۾ القدس شريف جي اسلامي ۽ مسيحي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا مهيا ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ يونيسڪو ۽ ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ اسرائيل طرفان مسجد اقصيٰ ڪمپائونڊ جي تاريخي حيثيت ۽ القدس ۾ ٻين مذهبن جي هنڌن کي تبديل ڪرڻ ۽ اسرائيلي دهشتگرد گروپن سان تعلق رکندڙ آبادڪارن کي روزاني جي بنياد تي مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئي وئي آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي چيو ويو آهي ته هي ايجنسي 53 لک فلسطينين کي خدمتن جي فراهمي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ ميمبر ملڪن کان يو اين آر ڊبليو اي لاءِ امداد ۾ اضافي لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن اداري کي بجيٽ برقرار رکڻ ۾ مشڪل نه ٿئي، گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطين لاءِ ڊولپمينٽ وقف فنڊ جي قيام جو آجيان ڪئي وئي آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 194 تحت سمورن فلسطيني پناهگيرن جي پنهنجي علائقن ۾ واپسي جي حمايت ڪئي وئي آهي.