اسان کي ترڪيءَ سان پنهنجي مثالي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي: وزيراعظم عمران خان

اسان کي ترڪيءَ سان پنهنجي مثالي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي: وزيراعظم عمران خان

قونيه (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي ترڪيءَ سان پنهنجي مثالي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي، انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هو ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ٻن ڏينهن جي ترڪي جي دوري ۾ قونيه جي گورنر جنيد ارهان سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام قونيه جي عوام سان تمام گهڻي محبت ۽ مولانا جلال الدين رومي جي وڏي عزت ڪري ٿي، مولانا جلال الدين رومي جي روحاني پيغام سمورن مذهبن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ انسانن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو قومي شاعر علامه محمد اقبال مولانا رومي جو روحاني پوئلڳ هو ۽ سندس فلسفو رومي جي پيغام محبت ۽ خودي جي اثر هيٺ آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ عظيم صوفي بزرگ حضرت جلال الدين رومي جي مزار تي حاضري ڀري. هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عظيم صوفي بزرگ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هو مولانا رومي جي مزار جي احاطي ۾ علامه اقبال جي علامتي قبر تي پڻ ويو. وزيراعظم ان موقعي تي مقامي ماڻهن ۾ گهلي ملي ويو. وزيراعظم انقره ۾ يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊيٽي ايڪسچينجز آف ترڪيءَ (ٽي او بي بي) جي اهتمام هيٺ هڪ پروگرام ۾ ترڪي جي پهرين صف جي واپارين کي خطاب پڻ ڪندو. صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان پاڪستان (ايف پي سي سي آءِ) وانگر ٽي او بي بي ترڪيءَ ۾ نجي شعبي جي سڀ کان اعليٰ نمائنده تنظيم آهي جنهن ۾ مقامي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جون 365 ميمبر ايسوسيئيشنز شامل آهن. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي خميس ڏينهن ترڪيءَ جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قونيه پهتو. قونيه جي گورنر، قونيه جي نائب ميئر، پاڪستان جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي سينيئر عملدارن ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو سندس ترڪيءَ جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر، منصوبابندي واري وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي معاون ذوالفقار بخاري سميت اعليٰ سطحي وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ آهي.