سينيٽ چيئرمين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

سينيٽ چيئرمين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

رياض (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 8 رڪني وفد سان گڏ پنج ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ڪنگ خالد ايئرپورٽ رياض تي سينيٽ چيئرمين جو استقبال سعودي شوريٰ ڪائونسل جي اسسٽنٽ اسپيڪر ڊاڪٽر عبدالله الثمن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ وقتي سفير سفير ذيشان احمد سان گڏجي ڪيو. سينيٽ چيئرمين پنهنجي دوري جي دوران اهم سعودي شخصيتن سان ملاقاتن کانسواءِ عمري جي ادائيگي ۽ روزه رسول صه تي حاضري به ڏيندو. سينيٽ چيئرمين سان گڏ وفد ۾ سينيٽر احمد خان، سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽر نصيب الله بازئي، سينيٽر فدا محمد، سينيٽر محمد طلحه محمود، سينيٽر خانزاده خان، سينيٽر غوث محمد نيازي، سينيٽر دلاور خان شامل آهن.