صدر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جي ملاقات

صدر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جي ملاقات

مدينه منوره (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صدر کي مذهبي معاملن واري وزير طرفان سعودي عرب سان حج معاهدن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، مذهبي معاملن واري وزارت موجب اربع ڏينهن هتي مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، مذهبي معاملن واري وزير صدر کي سعودي عملدارن سان ڳالهين ۽ حج معاهدن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني حاجين جي ڪوٽا ۾ 5 هزار جي اضافي کي خوش آئنده قرار ڏنو، صدر اميد چيو ته هو سعودي فرمانروا شاهه سلمان سان پنهنجي ملاقات ۾ نئين آدم شماري موجب پاڪستان جي حج ڪوٽا ۾ اضافي جي درخواست ڪندو. ان کانپوءِ نورالحق قادري صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ روضه رسول تي حاضري ڏني، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي وئي.