مهمند ڊيم جو ٺيڪو ڊيسڪون ڪمپني کي ڏيڻ تي تنقيد سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

مهمند ڊيم جو ٺيڪو ڊيسڪون ڪمپني کي ڏيڻ تي تنقيد سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مهمند ڊيم جو ٺيڪو ڊيسڪون ڪمپني کي ڏيڻ تي تنقيد سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته رزاق دائود وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ ڊيسڪون ڪمپني مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، سندس ڊيسڪون ڪنسوريشم سان ڪو تعلق نه آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڊاڪٽر فرخ سليم جي حوالي سان چيو ته جيڪڏهن ڪير حڪومتي پاليسين جي خلاف ڳالهائڻ چاهي ٿو ته ان کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اختلاف راءِ ۾ ڪو عار نه آهي، مخالف ڌر جو ڪم رڳو حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي تنقيد ڪرڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومتي ترجمان جو ڪم حڪومتي پاليسين جو دفاع ڪرڻ هوندو آهي.