پاڪستان پوائنٽ نيٽ ورڪ ملڪ جي ماڻھن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ چاھي ٿو. پاڪستان پوائنٽ جو وجود ۾ اڇڻ درحقيقت پيرھيان کان موجود ڪامياب ويب سائٽ 'اردو پوائنٽ' جو تسلسل آھي. اردو پوائنٽ پنھنجي سفر جو باقاعده آغاز 14 اگست 2000 تي ڪيو. اردو پوائنٽ جي باني علي چوھدريءَ ھن کي ڪامياب ۽ سٺي کان سٺو ٺاھڻ لاءِ زبردست ڪوشش ڪئي. ھن وقت اردو پوائنٽ اردو ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي ويب سائٽ آھي۽ ھن انٽرنيٽ تي اردو ٻولي کي ھڪ منفرد سڃاڻ ڏني آھي.

ھن اردو ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. تاھم مشاھدي ۾ آيو آھي تي ٻئي علاقائي ٻوليون جيڪي ملڪ جي طول و عرض ڳالھيون صڃن ٿيون، انھن کي انٽرنيٽ تي خبرن، مضمونن ۽ ادب جي حوالي سان نظر انداز ڪيو پئي وڃين ٿو. علاقائي ٻولين جي اھميت کي سمجھندي اردو پوائنٽ جي بانيءَ ھڪ ڪثير لساني ويب سائٽ جي قيام لاءِ پير وڌايا جنھن جو نتيجو پاڪتان پوائنٽ جي صورت ۾ آيو آھي.

پاڪستان پوائنٽ ھن وقت 7 مختلف علاقائي ٻولين ۾ مواد شائع ڪري رھيو آھي جيڪو ادب، خبرون، اھم موضوعات، ويڊيوز ۽ ٻئي دلچسپ مواد جو احاطو ڪري ٿو. اسان ھميشه پنھنجي مضمونن ذريعي سچ جي ترويج ڪئي آھي. توھان کي ڪرڻو صرف ھي آھي ته پاڪستان پوائنٽ لاگ آن ٿيو جتي معلومات جي دنيا توھان جي منتظر آھي.

توھان ھن ويب سائٽ جي لاءِ پنھنجي قيمتي آرا لکڻين ۽ مضمونن جي صورت ۾ موڪلي ھن جي معاونت ڪري سگھو ٿا. اسان صرف ھي ٿا چاھيون ته پڙھڻ وارن جي لاءِ سٺو مواد ھر علاقائي ٻولين ۾ دستياب ھجي جيڪو ھن وقت انٽرنيٽ تي موجود ناھي. توھان اسان جي خامين ۽ ڪوتاھين جي لاءِ به لکي سگھو ٿا جيڪي يقيناً اسان کي ويب سائٽ کي بھتر ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿينديون.