سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ شاهه سليمان امدادي ۽ فلاحي مرڪز جو دورو ڪيو

سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ شاهه سليمان امدادي ۽ فلاحي مرڪز جو دورو ڪيو

رياض (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ شاهه سليمان امدادي ۽ فلاحي مرڪز جو دورو ڪيو. ڪي ايس رليف جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله الرابيح وفد جي آجيان ڪئي ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي ۽ ان جي مقصدن تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ان اداري جو بنيادي مقصد سڄي دنيا ۾ اعليٰ سعودي روايتن جي عين موجب انسانيت جي بچاءُ جي لاءِ امدادي ڪارروايون ڪرڻ آهي، وفد کي ڪي ايس رليف جي سڄي دنيا ۾ جاري امدادي سرگرمين خاص طور تي يمن، شام، ميانمار ۽ عراق ۾ انساني همدردي جي بنياد تي کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يمن ۾ ڪي اي رليف هيستائين تقريبن 2 ارب ڊالر جي امدادي ڪارروايون ڪري چڪو آهي، سينيٽ چيئرمين سعودي انساني همدردي جي جذبي کي ساراهيو، ان موقعي تي هن سعودي عرب پاران پاڪستان کي 2005ع جي زلزلي کانپوءِ ڏني ويندڙ امداد کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اهو سعودي عرب جي انساني همدردي جو واضح ثبوت آهي. سينيٽ چيئرمين ڪي ايس رليف کي پاڪستان ۾ پنهنجون امدادي سرگرميون وڌائڻ جي دعوت ڏني ۽ کين پاڪستان حڪومت جي ڀرپور حوصلا افزائي جو يقين ڏياريو. سينيٽ چيئرمين سان گڏ وفد ۾ سينيٽرز احمد خان، مرزا محمد آفريدي، نصيب الله بازئي، فدا محمد خان، محمد طلحه محمود، دلاور خان، خانزاده خان، غوث محمد نيازي ۽ سينيٽ جو ايڊيشنل سيڪريٽري حفيظ الله شيخ به شامل آهن.