وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

قونيه (پاکستان پوائنٹ نیوز 03جنوری 2019ء) وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ڪالهه خميس ڏينهن ترڪيءَ جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هتي پهچي ويو. قونيه جي گورنر، قونيه جي نائب ميئر، پاڪستان جي سفير ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي سينيئر عملدارن ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس ترڪيءَ جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير اسد عمر، منصوبابندي واري وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ آهي. وزيراعظم وفد سان گڏ مولانا جلال الدين رومي جي مزار تي حاضري ڀريندو. هو ترڪي جي صدر سان ملاقات ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، ان موقعي تي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم انقره ۾ رهڻ دوران واپاري برادري کي خطاب پڻ ڪندو. ان دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ ۾ مدد ملندي.