صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات

رياض (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي فرمانروا خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان اربع ڏينهن ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب ۾ پاڪستان جو وقتي سفير ذيشان احمد ۽ جده ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل شهريار اڪبر خان به ملاقات ۾ موجود هئا.