او آءِ سي جي ڪشمير بابت رابطا گروپ پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار

او آءِ سي جي ڪشمير بابت رابطا گروپ پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار

نيويارڪ (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف جي اڄ اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب کان پهرين سلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي ميمبرن بهادر ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڀارت جي قبضي هيٺ تڪراري رياست ۾ ڀارتي ظلم جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ هنن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. رابطا گروپ جي ميمبرن عالمي سطح تي ڪشميري عوام جي مسئلي جي حل لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس سيڪريٽري جنرل اياد امين مدني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز، ترڪي ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن، نائيجيريا ۽ سعودي عرب جي سينئر نمائندن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر مسعود احمد خان به شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اياد امين ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي ظلمن ۽ بربريت فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڀارت جي حڪومت تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي مطابق مسئلي جو پرامن حل ڪڍي، هنن چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميرين کي اکين جي نور کان محروم ڪري سگهن ٿا تنهن هوندي به ڪشميرين کي خودمختياري واري حق کان محروم نٿا ڪري سگهن. ان موقعي تي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان واني جي بي رحماڻي شهادت کانپوءِ هيستائين ڀارتي فورسز جي هٿان 100 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ۽ 8 هزار ڪشميري شهري زخمي ٿيا آهن، ڀارتي فورسز جي پيلٽ گنز سان 150 کان وڌيڪ ماڻهو مستقل طور تي نور کان محروم ٿي ويا آهن جڏهن ته 350 ماڻهن جي نور کي سخت نقصان پهتو آهي، پرڏيهي صلاحڪار چيو ته انهن ظلمن سان ڪشميري عوام جي آزادي واري جذبي ۽ خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي. پرڏيهي صلاحڪار جي درخواست تي رابطا گروپ جي ميمبرن ڪشميري شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ان ڳالهه تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت پاڪستان جي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ بامقصد ڳالهين جي آڇ جو ڪو به مثبت جواب نه ڏنو. آذربائيجان ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن به ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيل صورتحال تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هنن ڀارت طرفان بي گناهه ڪشميرين جي انساني حقن جي خلاف ورزين تي به گهري ڳڻتي جو اطهار ڪيو، ترڪي جي پرڏيهي وزير ڪشمير جي تڪرار کي فوري حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ڪشميري جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. نائيجيريا جي نمائنده چيو ته ڪيترن ئي ملڪن طرفان ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن کي روڪڻ جي اپيل ڪرڻ باوجود اتي صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي آهي، اجلاس جي دوران ڪشميرين جي حقيقي نمائندن شرڪت ڪندڙن کي ڀارت جي مسلسل جاري بربريت، وحشياڻي ظلمن ۽ خاص طور تي 8 جولاءِ 2016ع تي برهان واني جي شهادت کانپوءِ ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر مسعود خان به ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ڪشميرين جي ڪيل ظلمن جي باري ۾ تفصيلي طور تي ٻڌايو. اجلاس جي ڪارروائي ۽ سفارشون به منظور ڪيون ويون جيڪي ڪارروائي لاءِ او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل کي مناسب قدم کڻڻ لاءِ موڪليون وينديون.