وزيراعظم جون دنيا جي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون

وزيراعظم جون دنيا جي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون

گڏيل قومون (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سڄي دنيا مان آيل اهم اڳواڻن سان ملاقات ڪيون ۽ کين ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي مشڪلاتن ۽ آزادي جي لاءِ انهن جي جدوجهد کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري پاڪستاني صحافين کي ان حوالي سان ٻڌايو ته وزيراعظم محمد نواز شريف آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي، سعودي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم محمد بن نائف بن عبدالعزيز السعود ۽ نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جان ڪي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس جي انعقاد جي موقعي تي ملاقاتون ڪيون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جي ترجماني ڪندي کين ڪشميري عوام جي جدوجهد جي باري ۾ ٻڌايو. پرڏيهي سيڪريٽري وزيراعظم جي ملاقاتن کي تعميري قرار ڏيندي چيو ته وزيراعظم ڪشمير جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي فوري ضرورت جو پيغام ڏنو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ وزيراعظم ڪشمير مسئلي تي پنهنجو پورو ڌيان ڏنو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته ڪشميري عوام سان انصاف ڪري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري. وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي تي به زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم اڄ اربع ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ به ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي ڊاڪٽر مليحه لوڌي جيڪا پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏ هئي، وزيراعظم جي تازي دوري کي ”مشن ڪشمير“ جو نالو ڏنو، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ڪشمير جو مسئلو موجود آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني اداري جي هي ذميداري آهي ته هو ڪشمير مسئلي تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي ان حوالي سان خط به لکيو آهي، ان کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا سميت پنج مستقل ميمبر ملڪن جي اڳواڻن کي به وزيراعظم خط موڪليا آهن جنهن ۾ انهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان مداخلت ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. والاريل ڪشمير ۾ گذريل 74 ڏينهن دوران جاري احتجاج ۽ ڪرفيو دوران 100 کان وڌيڪ ڀارتي فورسز جي هٿان شهيد جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته پيلٽ گن سان انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوانن جو وڏو تعداد پنهنجي اکين جي نور کان محروم ٿي ويو آهي، والاريل ڪشمير جي اڙي سيڪٽر ۾ تازي واقعي بابت سوال تي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڀارت کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي خلاف بي بنياد الزام لڳائڻ بدران ڳالهين جي رستي تي واپس اچڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين سان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڀارت اڙي جي واقعي کي مناسب تحقيقات کان اڳ ئي پاڪستان تي بي بنياد الزام تراشي شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال پاڪستان جي بڻايل ناهي پر هي ڀارت جي غير قانوني ۽ غاصباڻي قبضي ۽ ڀارتي ظلمن جي هڪ ڊگهي تاريخ جو سڌو سنئون نتيجو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف آمريڪا ۽ برطانيا تي زور ڏنو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ طاقت جي بي رحماڻي استعمال کان روڪيو وڃي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل ۾ مدد ڪئي وڃي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته سعودي نائب وزيراعظم سان ملاقات ۾ وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي ٻه طرفي معاملن ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اتفاق ڪيو. هن هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن مسلمانن کي سڄي دنيا ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن، گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اربع ڏينهن گڏيل قومن جي اسيمبلي کي جنرل ڊيبيٽ جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ هو سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون طرفان سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل رسمي آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. ان کانپوءِ هو جاپان جي وزيراعظم ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان به ملاقاتون ڪندو. هو آمريڪي صدر طرفان پناهگيرن بابت اڳواڻن جي ڪانفرنس ۾ باراڪ اوباما سان به ملاقاتون ڪندو.