وزيراعظم سان سعودي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم جي ملاقات

وزيراعظم سان سعودي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم جي ملاقات

نيويارڪ (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سان سعودي ولي عهد ۽ سعودي عرب جي نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن نائف بن عبدالعزيز نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري به موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته ٻئي ملڪ مسلمان امت جا ٻه اهم ٿنڀ به آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب جي سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ڪنهن به قسم جي خطري کان تحفظ لاءِ مدد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ملاقات دوران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته ڀارتي فورسز والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پوري رياست کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارتي حڪومت جي تازي ڌمڪي وارن بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي بيانن سان پوري خطي جو امن ۽ استحڪام خطري ۾ پئجي ويندو. وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بين الاقوامي برادري کي مسئلي جي شدت جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ ان سياسي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري عوام جي امگن موجب ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح ڪشميري عوام کي پنهنجي منزل جو پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف او آءِ سي ۽ ٻين سلامتي ملڪن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير جي وادي جي پنهنجي مسلمان ڀائرن لاءِ آواز بلند ڪن جنهن جا انساني حق ڀارتي سيڪيورٽي فورسز وحشياڻي طاقت جي استعمال سان پائمال ڪري رهي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي ولي عهد کي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي سان گڏوگڏ ملڪ مان شدت پسندي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي جي باري ۾ به ٻڌايو. ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پوري مسلمان امت کي شدت پسندي جي ان خطري مان بچائڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي طرفن کان علائقائي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ امن ڪوششن سان گڏوگڏ شام، عراق ۽ يمن جي صورتحال جي باري ۾ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف مسلمان دنيا ۾ هم آهنگي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ تعاون، اقتصادي لاڳاپن ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار جهڙن معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.