وزيراعظم محمد نواز شريف سان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جان ڪي جي ملاقات

وزيراعظم محمد نواز شريف سان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جان ڪي جي ملاقات

نيويارڪ (پاکستان نیوز پوائنٹ 19ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جان ڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن، لائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال، موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين ۽ مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ تمام گهڻن موقعن جي ڏس ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم خاص طور تي زراعت، ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ميدان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊيري فارمنگ ۽ حلال گوشت جي برآمد جي شعبي ۾ نيوزيلينڊ جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم پاڪستاني شاگردن کي اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ وظيفن جي فراهمي تي نيوزيلينڊ جي حڪومت کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان کي پيش ڪيل وظيفن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو رهندو. وزيراعظم اسلام آباد ۾ نيوزيلينڊ جي ريزيڊينٽ ڊپلوميٽڪ مشن کي جلد کولڻ جي امڪان تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملي. وزيراعظم محمد نواز شريف نيوڪليئر سپلائر گروپ ۾ نون ميمبرن جي شامل ٿيڻ بابت نيوزيلينڊ جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن جوهري عدم پکيڙ ۽ جوهري تحفظ ۽ سلامتي ۾ پاڪستان جي تشخص کي اجاگر ڪيو جيڪو ان کي نيوڪليئر سپلائر گروپ جي ميمبرشپ جي حوالي سان مثالي اميدوار بڻائي ٿو. ٻنهي اڳواڻن ڊگهي مدي وارن فورمنس تي هڪ ٻئي جي اميدوارن جي حمايت ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.