ورلڊ گورنمينٽ سمٽ پڌرنامي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود احمد ملڪ پاران صحيحون

ورلڊ گورنمينٽ سمٽ پڌرنامي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود احمد ملڪ پاران صحيحون

دبئي (پاکستان نیوزپوائنٹ 13 فروری2018ء) ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي خابرو ادارن جي سربراهن 6 نقاطي پڌرنامي تي صحيحون ڪندي انسانيت جي خدمت ۽ ڀلائي، تيز تر ترقي ۽ جديد اقتصاديات جي جوڙجڪ ۾ معاونت جي لاءِ ميڊيا جي ميدان ۾ نئين ٽيڪنالاجيز جي فروغ ۽ جدت رکندڙ ذريعا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ مختلف ملڪن جي خابرو ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي جيڪا دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ 11 کان 13 فيبروري تي ٿي. قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود احمد ملڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ اي پي پي پاران نيوز ايجنسين جي پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. خابرو اداري جي نمائندن سربراهه ڪانفرنس جي بنيادي موضوعن جي اهميت ۽ عالمي افهام تفهيم جي فروغ جي ضرورت سان گڏوگڏ معاشري، ان جي ادارن، ميمبرن ۽ ميڊيا جي پيشي جي ذميوارين جي ادراڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2018ع ۾ شريڪ نيوز ايجنسين جي پڌرنامي تي صحيحون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جاري ڪيل 6 نقاطي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اسان ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2018ع جي اهميت ۽ ان ۾ دنيا جي مستقبل جي جوڙجڪ جي حوالي سان بحث هيٺ ايندڙ اهم موضوعن ۽ انسانيت جي مفاد جي لاءِ ميڊيا جي مواد جي صنعت جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجيز ۽ جدت رکندڙ ذريعا جوڙڻ ۾ ميديا جي امڪاني ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا. پڌرنامي تي صحيحون ڪندڙن کي يقين آهي ته ورلڊ گورنمينٽ سمٽ جي حصي طور خوشي جي عالمي مذاڪري جا نتيجا ۽ سفارشون ميڊيا جي ڌيان جو مستحق آهن جڏهن ته فني ترقي کي تيز ڪرڻ ۽ انساني مسرت ۽ ڀلائي تي ڌيان ڏرڻ جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ خوشحالي کي حڪومت جي عملي ايجنڊا سان ڳنڍڻ ۽ خوشي جي حوالي سان سائنسي تصورن جي اطلاق ۾ ميڊيا جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن مصنوعي ذهانت سان واڳيل ميڊيا مواد جي فروغ تي اتفاق ڪيو ته جيئن هن زمين جي تحفظ ۽ نئين اقتصاديات جي جوڙجڪ جي لاءِ پنهنجي مثبت اثرن تي ٻڌل اهڙي مواد جي معيار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعن کي استعمال ۾ آڻيندي ۽ انسانيت جي خدمت ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال ۾ عالمي ڪاميابين کي اجاگر ڪري سگهجي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن اطلاعات، صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جو مستقبل ڳولا ۽ انهن شعبن ۾ تخليقي قدمن جي منتقلي، فروغ ۽ دستاويزبندي جي طريقن تي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ته جيئن ان سان عالمي سطح تي فائدو حاصل ڪري سگهجي. اجلاس ايندڙ نسلن جي حُالي سان قدرتي وسيلن تي ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي صاف ۽ قابل تجديد توانائي جي ميدان ۾ گرين ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي حمايت ۽ ماحولياتي ايشوز بابت معاشري جي سمورن ميمبرن ۾ شعور جي بيداري جي لاءِ ماحولياتي تبديلي بابت معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ميڊيا نظام جي فروغ تي زور ڏنو. سڄي دنيا ۾ خلائي تحقيق ۾ تازي ترين اڳڀرائي جي حوالي سان عالمي ڪوششن تي روشني وجهڻ ۽ هن زمين تي خلائي ٽيڪنالاجي جي ترقي سان گڏوگڏ ڪائنات بابت علم ۾ سهولت جي لاءِ خلائي سائنس جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ، ان بابت قانونن ۽ نظام جي ادراڪ ۽ ان جي نوعيت بابت بنيادي سوالن جو جواب ڳولڻ کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. پڌرنامي جي آخر ۾ نوجوانن بابت سمورن ايشوز جي حمايت ڪرڻ، فيصلاسازي ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ ۽ اڳتي جا منصوبا جوڙڻ، زبان ۽ ميڊيا مواد ۾ نوجوانن تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو ويو جيڪو انهن جي امنگن ۽ سوچ ويچار جي طريقن جي نوعيت جي لاءِ موزون هجي. اجلاس ۾ سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) جي نائب صدر احمد بن ابراهيم العواد، قومي خابرو اداري جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود احمد ملڪ، اردن خابرو اداري (پيٽرا) جي ڊائريڪٽر جنرل فيصل الشبول، اسلامڪ تعاون تنظيم جي نيوز ايجنسين جي فيڊريشن جي ڊائريڪٽر عيسيٰ خيرا روبلي، يوناني خابرو اداري جي صدر/ جنرل ڊائريڪٽر مشلس سيلوس، انٽرنيشنل نيوز آف يوڪرن فارم جي ڊپٽي چيف ايڊيٽر نتاليه بوڪيوچ، مڊل ايسٽ نيوز ايجنسي (مينا) جي چيئرمين علي حسن محمد باقي، فيڊريشن آف عرب نيوز ايجنسي جي سيڪريٽري جنرل فريد ايار، نيشنل نيوز ايجنسي لبنان جي ڊائريڪٽر جنرل لائور سليمان ساب، عمان نيوز ايجنسي (اونا) جي ڊي جي محمد بن مبارڪ، موريشيس نيوز ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل صديق محمد الودوني، امارات نيوز ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد جلال الرئيسي، انڊو ايشين نيوز ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر چندرا شيڪر سندرا رامان، اطالوي نيوز ايجنسي (انسا) جي سي اي او ۽ ايم ڊي گيوسي پي سربون، لوسا ايجنسيا ڊي نوٽيسيا جي انٽرنيشنل رليشنز ڊائريڪٽر مونيڪا گريشيا ۽ پي ٽي آءِ (ڀارت) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سوڌا ڪرنائر شرڪت ڪئي.