ڇهين ورلڊ گورنمينٽ سمٽ دبئي ۾ پڄاڻي تي پهتي، اي پي پي جي ايم ڊي جون مختلف خابرو ايجنسين جي سربراهن سان ملاقاتون

ڇهين ورلڊ گورنمينٽ سمٽ دبئي ۾ پڄاڻي تي پهتي، اي پي پي جي ايم ڊي جون مختلف خابرو ايجنسين جي سربراهن سان ملاقاتون

دبئي (پاکستان نیوزپوائنٹ 14فروری2018ء) ڇهين ورلڊ گورنمينٽ سمٽ دبئي ۾ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ناليوارن دانشورن، ميڊيا ماهرن ۽ پاليسي سازن شرڪت ڪئي ۽ وسيع تر شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجيز ۽ جدت رکندڙ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود احمد ملڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ خابرو ادارن جي سربراهن سان لاڀائتيون ۽ بامقصد ملاقاتون ڪيون، جن پيشيواراڻي ميدان ۾ اي پي پي سان پنهنجي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا بابت معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ان ڳالهه تي اصولي اتفاق ڪيو ته ادارتي عملي جي صلاحيت ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. عالمي خابرو ادارن جي سربراهن ۽ اهم عهدن تي مقرر ماڻهن منفرد جيو پوليٽيڪل جاگرافيائي بيهڪ جي بنياد تي پاڪستان ۾ مختلف اڳڀرائين جي حوالي سان خبرن ۾ دلچسپي ورتي. ملاقاتن ۾ ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ويو ته مختلف خطن جي عوام کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ خابرو ادارن جي ڪردار ۾ اضافي جي ضرورت آهي، خاص طور تي سوشل ميڊيا ذريعن کي معاشري ۾ انساني مسئلن جي بهتر ادراڪ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. انهن ملاقاتن ۾ اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ مختلف خابرو ادارن جي هم منصب شخصيتن کي هلندڙ سال اسلام آباد ۾ اي پي پي جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ پهرين نيوز ايجنسيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. سمورن نمائندن اصولي طور تي دعوت قبول ڪئي ۽ اهڙي قسم جي اهم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد ڪانفرنس مختلف خابرو ادارن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ افهام تفهيم جون نيون راهون کولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.