پاڪستان ۽ چين پاران ثقافتي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن جي فروغ لاءِ ثقافتي پروگرام تي صحيحون

پاڪستان ۽ چين پاران ثقافتي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن جي فروغ لاءِ ثقافتي پروگرام تي صحيحون

بيجنگ (پاکستان نیوزپوائنٹ 06 فروری2018ء) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي رابطن جي فروغ لاءِ ثقافتي معاهدي جي ايگزيڪيوٽو پروگرام تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جڏهن ته چين جي ثقافت واري وزير لوشو گانگ چين پاران صحيحون ڪيون. چين ۾ پاڪستان جو سفير ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. ثقافتي معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم ۽ براڊ ڪاسٽنگ، آرٽ ۽ ثقافت، تعليم ۽ تحقيق، پريس ۽ پبيليڪيشن، راندين ۽ نوجوانن جي شعبن ۾ تعاون شامل آهي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن جي شعبي ۾ حصيداري عمل کي سگهه ڏيندا. ٻئي ملڪ اطلاعات جي گڏيل مٽاسٽا جي طريقيڪار تي پڻ ڪم ڪندا جنهن تحت ريڊيوڳ پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل خبرن جي مٽاسٽا ڪندا. پاڪستان ۽ چين ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ نمائشون پڻ منعقد ٿينديون. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن جا فنڪار به هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهندا ۽ ان سلسلي ۾ ٻطرفن دورن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. آرٽ گيلريز، ٿيٽرز ۽ ثقافتي نوادرات مان به ٻئي ملڪ ٻطرفي بنيادن تي فائدو کڻندا. معاهدي تحت لوڪ ورثه چين ۾ پاڪستاني فن ۽ ثقافت ۽ هٿ جي هنر جي هڪ هفتي تي ٻڌل نمائش هڻندو. نمائش جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي عوام کي هڪ ٻئي جي ثقافت، دستڪارين ۽ هنر کان آگاهه ڪرڻ آهي. ٻئي ملڪ تعليم جي شعبي ۾ تعاون ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي شاگردن کي تعليمي سرٽيفڪيٽ ڏندا. پريس اينڊ پبليڪيشن جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ 6 رڪني وفد هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪندا ته جيئن اشاعتي ادارا ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ عالمي ڪتاب ميلن ۾ حصو وٺي سگهن. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن جي شعبن ۾ پڻ لاڳاپن کي هٿي ڏني ويندي، ان ڏس ۾ نوجوانن جا 100 رڪني وفد ٻنهي ملڪن جا دورا ڪندا. معاهدي تي صحيحن کان اڳ ملاقات دوران ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ حصيدار آهن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان چين لاڳاپا ۽ دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي تعاون تي ٻڌل معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي رابطن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اقتصادي لنگهه منصوبو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ثقافتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي جي خواهشمند آهي ۽ اها سمجهي ٿي ته صدر شي جن پنگ جو ون بيلٽ ون روڊ جو منصوبو علائقائي ۽ عالمي ترقي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ون بيلٽ ون روڊ جي منصوبي تحت سي پيڪ فليگ شپ منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. هن چيو ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن تي عملدرآمد جي حوالي سان وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿي وئي آهي. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي صدارت ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 19 هين ڪانگريس دوران ون بيلٽ ون روڊ جي چوٿين بنيادي عنصر ثقافتي مٽاسٽا تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته توانائي، معاشي تعاون، بنيادي ڍانچي ۽ عوامي رابطن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن جي ورثي کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان چين لاڳاپن جو اسان جي ثقافت سان گهرو تعلق آهي، اطلاعات واري وزارت پاڪستان چين ثقافتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل سال سي پيڪ ثقافتي ڪاروان جو صوبي زان جيانگ کان گوادر تائين انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ چين جي ثقافتي وفدن ڀرپور شرڪت ڪئي. هن چيو ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن ۽ لاڳاپن جي حوالي سان سنگ ميل هوندو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب شاگردن کي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپس، تصويري نمائش ۽ سي پيڪ روٽ تي ايف ايم ريڊيو قائم ڪرڻ جي پڻ تجويز ڏني. هن خاص طور تي ذڪر ڪيو ته ان حوالي سان پاڪستان ۾ چين جو ثقافتي قونصلر معاهدي کي عملي شڪل ڏئي. چين جي ثقافت واري وزير لوشو گانگ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته 2015ع ۾ چين جي صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ خصوصي ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ٿيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي ثقافتن جي مٽاسٽا جو پڻ منصوبو آهي. هن پاڪستان حڪومت جي تعاون سان چائنا ڪلچرل سينٽر قائم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا، چائنا ڪلچرل سينٽر ۾ گذريل هڪ سال دوران گڏيل ثقافت جا 38 پروگرام ٿيا آهن. لوشو گانگ پاڪستان ۾ آثار قديمه ۽ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ جي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته ثقافتي ۽ تاريخي مرڪز ۾ پيشيورن کي تربيت به ڏني ويندي. ملاقات دوران پاڪ چين نيشنل ڪلچرل سينٽر، ڪلچرل فلم اڪيڊمي، پاڪ چين ڪلچرل يونيورسٽي ۽ اليجز قائم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران سي پيڪ تي عالمي ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۽ چين جي سئنيما گهرن ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جا معاملا پڻ غور هيٺ آيا. ان موقعي تي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چين ته چين معاشي لحاظ کان دنيا جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي، تمام جلد چين عالمي معيشت ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري وٺندو. هن چيو ته توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جا منصوبا ڌيان جو مرڪز آهن. پاڪستاني ميڊيا سي پيڪ جي آگاهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته گوادر سيڙپڪاري ايڪسپو ۾ 5 هزار کان وڌيڪ واپاري شريڪ ٿيا، گوادر ايڪسپو کي پاڪستان جي سمورن نيوز چينلز سڌوسنئون ڏيکاريو. هن چيو ته چين جي موسم بهار جو فيسٽيول پاڪستان ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سڄي ملڪ جي اسڪولن ۾ ثقافتي سرگرميون منعقد ڪيون ويون. مملڪتي وزير ۽ چين جي ثقافت واري وزير پاڪستان ۾ آثار قديمه جو مرڪز قائم ڪرڻ ۽ گڏيل ثقافتي دستاويزي فلمون ٺاهڻ جي معاهدن جي اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏنو. هنن چيو ته سي پيڪ امن ۽ خوشحالي جو رستو آهي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ عوامي رابطن جو لنگهه آهي.