وزيراعظم سان ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو جي ملاقات

وزيراعظم سان ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو جي ملاقات

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمر اشراق گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص مددگار علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينئر حڪومتي اهلڪار به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر کي وزيراعظم صحت پروگرام ۽ پوري ملڪ ۾ حفاظي ٽڪن جي ڪوريج ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، هن صحت جي جامع سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ميڊ ٽرانڪ کي پاڪستان ۾ تربيتي ۽ تعليمي مرڪز کولڻ ۽ پاڪستاني اسپتالن سان حصيداري جي دعوت ڏني، وزيراعظم صحت بابت تحقيق ۽ لاڳاپيل گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، ملاقات ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي بابت مختلف ماڊلز جو به جائزو ورتو ويو، ميڊ ٽرانڪ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مستقبل ۾ صحت بابت چئلينجن ۽ نتيجن تي ٻڌل صحت جي خدمتن ۾ مدد جي آڇ ڪئي، هن پاڪستان ۾ حڪومتي يا نجي سطح تي جديد ترين اسپتالن جي قيام ۾ شراڪتداري جي آڇ به ڪئي، واضح رهي ته ميڊ ٽرانڪ سڄي دنيا ۾ صحت عامه جي جامع ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪمپني آهي جيڪا دل جي مرض، ذيابطيس ۽ ٻين بيمارين جي انتظام ۽ انصرام ۾ اهم خدمتون فراهم ڪري رهي آهي.