وزيراعظم سان ڊيووس ۾ سينئر سعودي وزيرن جي گڏيل گروپ جي ملاقات

وزيراعظم سان ڊيووس ۾ سينئر سعودي وزيرن جي گڏيل گروپ جي ملاقات

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ26جنوری2018ء) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهي ۽ گهرن لاڳاپن جي ڏس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڊيووس ۾ سينئر سعودي وزيرن جي گڏيل گروپ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو آهي، سعودي وفد ۾ ناڻي وارو وزير محمد الجدان، واپار ۽ سيڙپڪاري وارو وزير ماجد بن عبدالله القصا، توانائي وارو وزير خالد الفليح ۽ مملڪتي وزير ابراهيم الصاف شامل هئا، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار علي جهانگير صديقي ۽ ٻيا سينئر اهلڪار به ان موقعي تي موجود هئا، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سعودي حڪومت سان جن منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي انهن جي تيز رفتاري سان پيروي ڪئي ويندي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي سينئر عملدارن تي ٻڌل وفد ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سعودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام طرفان خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ تنمائن جو پيغام به پهچايو.