پاڪستان کي ون بيلٽ ون روڊ قدم جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان کي ون بيلٽ ون روڊ قدم جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ25جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان کي چين جي قيادت جي ”ون بيلٽ ون روڊ“ قدم جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري سان ڪيترن کي ملڪن کي روزگار جا موقعا، صنعتي ترقي ۽ رابطن ۾ بهتري جي صورت ۾ فائدا پهچندا، پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي هڪ مثبت ۽ خوش آئنده اشارو آهي ۽ سمورن ادارن کي متحد ٿي ۽ هٿن ۾ هٿ وجهي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي سوئيٽرز لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاٿ فائنڊر گروپ جي طرفان ناشتي تي ميٽنگ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستاني واپاري، ميڊيا جا نمائندا ۽ ڪيترن ئي ملڪن مان آيل پاڪستان جا دوست به موجود هئا، وزيراعظم چيني قيادت جي ون بيلٽ ون روڊ قدم جي ويزن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته اسان کي چيني قيادت جي ون بيلٽ ون روڊ قدم جو حصو بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري سان ڪيترن ئي ملڪن کي روزگار جا موقعا، صنعتي ترقي ۽ رابطن ۾ بهتري جي صورت ۾ فائدا پهچندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي هڪ مثبت ۽ خوش آئنده اشارو آهي ۽ سمورن ادارن کي متحد ٿي ۽ هٿن ۾ هٿ وجهي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 2013ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي امن امان، دهشتگردي، توانائي جي کوٽ ۽ ناقص معيشت جهڙا وڏا چئلينج درپيش هئا، موجوده حڪومت جي سخت محنت ۽ عزم سبب امن امان جي صورتحال ۾ جوهري تبديلي آئي ۽ ملڪ تي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته ڊيووس ۾ سندس ڪيترن ئي عالمي بزنس اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون آهن ۽ هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پنهنجي واپار سرگرمين کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ ان دوران قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن جي صورت ۾ پاڪستان جي قربانين جو تفيصل سان ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان جنگ سبب پاڪستان جي معيشت به متاثر ٿي آهي، پاڪستان هڪ ڊگهي عرصي کان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جيڪو تعداد ۽ ميزباني جي مدت جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، عالمي برادري کي پاڪستان جي ان قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، توانائي جي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته حڪومتي قدمن سبب پاڪستان وٽ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گئس مهيا آهي، پاڪستان پائيدار ۽ موثر انداز ۾ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻي ورتو آهي، حڪومت توانائي جي مختلف ذريعن کي سگهارو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انرجي مڪس ۾ مهانگي روايتي ٻارڻ جي بدران ڪوئلي ۽ گئس جو اضافو ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان وڌيڪ شرح سان اقتصادي اڳڀرائي ڪئي جڏهن ته ان دوران ناڻي واڌ جي شرح گهٽ رهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪستان 1700 ڪلوميٽر ڊگهي 6 لائين تي ٻڌل موٽر ويز جي تعمير جي قابل ٿي چڪو آهي، هي ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن لاءِ ناقابل حصول هدف آهي، هن چيو ته گوادر جي بندرگاهه هاڻي آپريشنل ٿي چڪي آهي ۽ جتي عالمي معيار جون شپمنٽس ۽ لاجسٽڪ سهولتون مهيا آهن۔