پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح هلندڙ سال 6 سيڪڙو تائين پهچي ويندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح هلندڙ سال 6 سيڪڙو تائين پهچي ويندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڊيووس (پاکستان نیوزپوائنٹ25جنوری2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي واڌ ويجهه جي شرح هلندڙ سال 6 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. هن اها ڳالهه عالمي اقتصادي فورم جي باني ۽ چيئرمين پروفيسر ڪلائوس شواب سان ڳالهائيندي چئي جنهن خميس ڏينهن هتي عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جو خصوصي مددگار علي جهانگير صديقي به ان موقعي تي موجود هو. پروفيسر شواب پاڪستان ۾ معيشت جي حوالي سان وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن معيشت ۾ نمايان واڌ ويجهه حاصل ڪرڻ تي موجوده حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان جي نوجوان آبادي جي ماپي جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۾ نوجوانن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ تي وزيراعظم جي توجهه کي ساراهيو.