اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف انشاءَ الله ايندڙ پيشي تي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيندو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف انشاءَ الله ايندڙ پيشي تي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيندو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ30اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف انشاءَ الله ايندڙ پيشي تي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيندو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان گڏ ڪالهه سومر ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال ۽ ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي دوري ۽ اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات کي نجي ۽ ذاتي حيثيت ۾ قرار ڏنو ۽ چيو ته هن وزيراعظم جي حيثيت سان حڪومت کان هڪ ڏينهن جي موڪل ورتي آهي ۽ سومر جي رات پاڪستان واپس وڃي رهيو آهيان. هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ اختلافن جي تاثر کي رد ڪندي اهڙي قسم جي ڳالهين کي افواهون قرار ڏنو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پارٽي نواز شريف کي صدر چونڊيو آهي. پي آءِ اي جي نيويارڪ جي اڏام کي بند ڪرڻ بابت هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته اها ٽن سالن کان بند هئي. هن ان فيصلي ۾ ايئر بليو جي ڪنهن امڪاني رابطن کي رد ڪيو ۽ چيو ته ايئر بليو جون آمريڪا لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جو ڪو منصوبو نه آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ان موقعي تي پارٽي ۾ ڪنهن به مائنس ون فارمولا جي خيال کي رد ڪيو ۽ چيو ته اجلاس دوران پارٽي کي اڳتي وٺي وڃڻ ۽ ايندڙ عام چونڊن بابت حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي. جڏهن کانئس نواز شريف جي فري اينڊ فيئر ٽرائل جي مطالبي بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اهو اڳوڻي وزيراعظم جو جائز مطالبو آهي.