وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس کانپوءِ استنبول ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي

وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس کانپوءِ استنبول ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي

استنبول (پاکستان نیوزپوائنٹ20اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نائين ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس کانپوءِ استنبول ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي، وزيراعظم ۽ ڊي ايٽ تنظيم جي ٻين اڳواڻن مسجد والده سلطان ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان، نائيجيريا جي صدر محمد بوهاري، انڊونيشيا جي نائب صدر محمد يوسف ڪالا، ايران جي نائب صدر اسحاق جهانگيري، ملائيشيا جي نائب وزيراعظم احمد زاهد حامدي، بنگلاديش جو پرڏيهي وزير شهر يار عالم ۽ آذربائيجان جو صدر الهام عليوف سڀني گڏ جمع نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي عالم اسلام جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي طور تي دعا ڪئي وئي.