پاڪستان ۽ سعودي عرب جي خصوصي فوج جي گڏيل عسڪري مشقن جون تياريون جاري

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي خصوصي فوج جي گڏيل عسڪري مشقن جون تياريون جاري

رياض (پاکستان نیوزپوائنٹ20نومبر2017ء) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي خصوصي فوج جي گڏيل عسڪري مشقن جون تياريون جاري آهن جن کي شهاب 2 جو نالو ڏنو ويو آهي. اهي مشقون سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿينديون. سعودي عرب جي سرڪاري خابرو ايجنسي ايس پي اي موجب سعودي فوج جي ڪمانڊر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي خصوصي فوج جون گڏيل عسڪري مشقون شهاب 2 سعودي عرب جي گادي واري شهر ۾ ٿينديون. هن چيو ته انهن گڏيل مشقن ذريعي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مهارت جي مٽاسٽا ٿيندي، انهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي ۽ ٻنهي ملڪن جي فوج جي پيشيواراڻي مهارتن ۾ پڻ اضافو ٿيندو.