پاڪستان کي هڪ مخالف ۽ وڌندڙ عسڪري قوت وارو پاڙيسري درپيش آهي: وزيراعظم

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ مخالف ۽ وڌندڙ عسڪري قوت وارو پاڙيسري درپيش آهي ۽ پاڪستان لاءِ ڀروسي جوڳي دفاعي صلاحيت لاءِ پنهنجي صلاحيت کي برقرار رکڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جوهري هٿيار صرف ان لاءِ ٺاهيا آهن ڇو ته ان جي پاڙيسري خطي ۾ انهن هٿيارن کي متعارف ڪرايو آهي، اسان جا جوهري اثاثا جارحاڻي ڌمڪين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته پاڪستان جا جوهري اثاثا پوري طرح سان موثر ڪنٽرول ۾ آهن جنهن جو ماهرن اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته عالمي برادري پاڪستان کي غير امتيازي بنياد تي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ جهڙي عالمي ايٽمي عدم پکيڙ واري انتظامن ۾ شامل ڪري.