پاڪستان افغانستان جي جنگ کي پنهنجي سرزمين تي وڙهڻ نه ڏيندو: شاهد خاقان عباسي

پاڪستان افغانستان جي جنگ کي پنهنجي سرزمين تي وڙهڻ نه ڏيندو: شاهد خاقان عباسي

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي جنگ کي پنهنجي سرزمين تي وڙهڻ نه ڏيندو، هن چيو ته اسان ڪنهن اهڙي ناڪام حڪمت عملي جي توثيق نٿا ڪري سگهون جيڪا پاڪستان ۽ افغانستان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ۽ ان کي ڊيگهه ڏيندي. هن چيو ته افغانستان ۾ فوجي يا سياسي خال لاءِ ذميوار بڻائڻ خاص طور تي پاڪستان لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان کنيو آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار ناهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ ناهن پر افغانستان ۾ طالبان جي قبضي واري وسيع علائقي ۾ آهن. هن چيو ته سرحد پار کان حملا ضرور ٿيندا آهن پر هي حملا وڌيڪ سرحد جي ٻي پار موجود محفوظ ٺڪاڻن کان پاڪستان مخالف دهشتگردن جي طرفان ڪيا ويندا آهن. اهڙي طرح جي حملن جي روڪٿام لاءِ پاڪستان افغان حڪومت ۽ اتحادي فورسز کي چيو آهي ته هو سرحد کي ڪنٽرول ڪرڻ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ اچ وڃ جي نگراني لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن جي حمايت ڪري. هن چيو ته گذريل چار ڏهاڪن کان غير ملڪي مداخلت سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي تمام گهڻو پهتو، هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ افغانستان ۾ امن جو ڪو ٻيو خواهشمند ناهي تنهن هوندي به افغانستان ۾ 16 سالا جنگ کانپوءِ هي ڳالهه واضح آهي ته افغانستان ۾ امن کي جنگ جاري رکي بحال نٿو ڪري سگهجي. ڪا به ڌر هڪٻئي تي فوجي حل لاڳو نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته افغانستان ۾ فوري ۽ حقيقتن تي ٻڌل مقصدن ۾ افغانستان ۾ داعش، القاعده ۽ انهن جي حمايتن جي خاتمي لاءِ به ٺوس قدم شامل هجڻ گهرجن، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قدمن تي سوال نٿو اٿاري سگهجي، هن چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان جي ڪوششن سان ئي القاعده جو خاتمو ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان فوجي آپريشنز سان جابلو علائقن مان سمورن عسڪريت پسند گروپن کي ختم ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. 6500 فوجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن سميت 27 هزار پاڪستاني ان جنگ ۾ شهيد ٿيا، وزيراعظم دهشتگردي جي عالمي مسئلي سان جامع طور تي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي حڪمت عملي ۾ اهم نقصن جو ذڪر ڪيو جنهن سبب ان مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي ٿي. هن دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته دهشتگردي جا بنيادي سبب صرف غربت ۽ جهالت نه آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي سببن ۾ ناانصافي، ڏاڍ ۽ غير ملڪي مداخلت سميت سياسي ۽ ٻين محرومين تي انتهائي رد عمل به آهي. هن چيو ته انهن سببن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد گروپن جي بياني کي منهن ڏيڻ مشڪل هوندو٫