موسمياتي تبديلي کي دنيا لاءِ خطرو آهي: وزيراعظم

موسمياتي تبديلي کي دنيا لاءِ خطرو آهي: وزيراعظم

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي موسمياتي تبديلي کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. پاڪستان پيرس معاهدي جي هدفن جو ادراڪ رکي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته ان تي عمل ان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته ترقي پذير ملڪن جي بنيادي مقصدن ۾ واڌ ويجهه جي شرح ۽ ترقي شامل آهي ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جا هدف تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ حوصلا مند سطح تي آهن۔