آمريڪا جو دورو تمام گهڻو مثبت رهيو، پاڪستان جو موقف وڏي موثر انداز ۾ پيش ڪيو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

آمريڪا جو دورو تمام گهڻو مثبت رهيو، پاڪستان جو موقف وڏي موثر انداز ۾ پيش ڪيو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آمريڪا جو دورو تمام گهڻو مثبت رهيو، پاڪستان جو موقف وڏي موثر انداز ۾ پيش ڪيو، ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جو موقف ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو، آمريڪي صدر سان آجياڻي تي غير رسمي ملاقات ٿي، مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ٿيون، پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي کي دنيا تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ جنگ جي ذريعي امن ممڪن نه آهي، افغان عوام کي پاڻ ويهي ڪري مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي به ان موقعي تي موجود هئا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هر جڳهه پاڪستان جي موقف کي موثر طريقي سان پيش ڪيو، خطي جي صورتحال جي حوالي سان درست موقف پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشمير جي معاملي تي پنهنجو موقف ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڪشميرين تي ظلمن جو ڊوزيئر پيش ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ۽ جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير جو مسئلو ڀرپور انداز ۾ کنيو آهي، هن چيو ته آمريڪي صدر سان آجياڻي تي غير رسمي ملاقات ٿي، مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ٿيون. آمريڪي صدر ٽرمپ والهاڻي انداز ۾ مليو، هن چيو ته صدر ٽرمپ جي تقرير ڊگهي ٿيڻ سبب افغان صدر سان ملاقات نه ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، افغانستان ۾ جنگ جي ذريعي امن ممڪن ناهي، افغان عوام کي پاڻ ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. افغانستان بابت امن جي هر ڪوشش جي حمايت ڪنداسين. هن چيو ته جن سان اسان جنگ ڪري رهيا آهيون انهن جي قيادت افغانستان ۾ آهي، افغانستان ۾ امن جو اسان کان وڌيڪ ڪير به خواهشمند ناهي، وزيراعظم چيو ته طالبان افغانستان ۾ فعال آهن ۽ پاڪستان جو ان سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته آمريڪي انتظاميه سان مختلف سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پنهنجو موقف پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، اڄ دهشتگردي جي خلاف صرف پاڪستان ئي جنگ وڙهي رهيو آهي، دهشتگردي جي خلاف قربانين جو پوري دنيا اعتراف ڪيو آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي کي دنيا تسليم ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت سپريم ڪورٽ جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي ۽ ان جو موقف هي آهي ته عدالتن کي سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، هن وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار بابت سوال جو نفي ۾ جواب ڏنو، ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته افغناستان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل اهميت جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، هن چيو ته ان ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان ڳالهين کان اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ کيس ڪابل جي دوري جي دعوت به ڏني وئي. خواجه محمد آصف چيو ته سندس ڀارتي هم منصب سشما سوراج سان سفارتي آجياڻي تي غير روايتي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان جي صحت جي باري ۾ دريافت ڪيو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 17:03