وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ملاقات، ڪشمير مسئلو کنيو

وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ملاقات، ڪشمير مسئلو کنيو

<نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريز سان هتي ٿيندڙ ملاقات ۾ سندس آڏو ڪشمير مسئلو کنيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت سندس حوالي ڪيا. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير تي خاص نمائندو مقرر ڪري. هن چيو ته اهو لازمي آهي ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي ڳالهين جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران فائربندي جي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته رڳو هلندڙ سال دوران 600 جي لڳ ڀڳ خلاف ورزيون ڪيون ويون. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته رڳو اڄ جي ڏينهن ڀارتي فورسز جي فائرنگ سان ايل او سي تي چار شهري شهيد ٿيا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت جي لاءِ ملٽري آبزرور گروپ جي توسيع تي پڻ زور ڏنو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان انهن کي تمام گهڻو عزيز آهي، هو ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هن پاڻ پاڪستان جي دهشتگردي جي آپريشنن جو مشاهدو ڪيو آهي ۽ هو ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي تمام گهڻو ساراهي ٿو. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ جمهوريت جي استحڪام کي پڻ ساراهي ٿو. سيڪريٽري جنرل اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان پنهنجي ملاقاتن کي پڻ خوشگوار انداز ۾ ياد ڪيو. هن پاڪستان جي امن برقرار رکڻ وارين ڪوششن تي گڏيل قومن پاران خراج تحسين پڻ پيش ڪيو۔