وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو

وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ22ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ دنيا کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ڪشمير ۾ عوام کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ روهنگيا جي مسلمانن سان ٿيندڙ زيادتين کي پڻ دنيا آڏو پيش ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دهشتگردي جي سببن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.