وزيراعظم سان ملاله يوسفزئي جي ملاقات

وزيراعظم سان ملاله يوسفزئي جي ملاقات

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ21ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان نيويارڪ ۾ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات دوران ملاله يوسفزئي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان ۾ تعليم جو چيمپئين ثابت ٿيندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان ۾ تعليم خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ لاءِ ملاله يوسفزئي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته تعليم جو فروغ موجوده حڪومت جي ايجنڊا ۾ پهرين ترجيح آهي. تعليم ۾ سيڙپڪاري کانسواءِ ڪا به سيڙپڪاري منافع بخش نه هوندي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران تعليم جي شعبي ۾ بهتري موجوده حڪومت جي ترجيحن جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي ته اچو تعليم جي فروغ ۽ بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. وزيراعظم پنجاب ۾ تعليم جي ميدان ۾ شاندار ڪارڪردگي تي پنجاب حڪومت جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پنجاب حڪومت ڊي ايف آءِ ڊي سان گڏجي صوبي ۾ تعليم کي فروغ ڏنو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسڪولن ۾ انرولمينٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي تعليم جي نصاب تي ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن ۾ تاريخ، حساب ۽ سائنس جا شعبا شامل آهن جنهن جي ذريعي شاگردن کي تحقيقي ۽ تجزياتي صلاحيت ۾ نکار ايندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت اين جي اوز ۽ صوبائي حڪومتن سان به رابطي ۾ آهي ته جيئن انهن مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي.