آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان مختصر ملاقات مثبت رهي آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان مختصر ملاقات  مثبت رهي آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ21ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيويارڪ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان مختصر ملاقات مثبت رهي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ناشتي جو اهتمام ڪيو ويو. پاڪ آمريڪا بزنس ڪائونسل طرفان اربع ڏينهن ناشتي جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڳالهين دوران ٻڌايو ته سندس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ٿي آهي، هي ملاقات مثبت رهي. آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 45 منٽ جي ڊگهي ملاقات کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران مون ٻڌايو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي خلاف پرعزم آهي. ٻي طرف وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس ۽ وزيراعظم پاڪستان شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ انتهائي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي ۽ خطي جي صورتحال شامل آهي.