وائيٽ هائوس پاران وزيراعظم ۽ آمريڪي نائب صدر ۾ ڳالهه ٻولهه اهم قرار

وائيٽ هائوس پاران وزيراعظم ۽ آمريڪي نائب صدر ۾ ڳالهه ٻولهه اهم قرار

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ21ستمبر2017ء) وائيٽ هائوس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيائي پاليسي تي آمريڪا جو حصيدار بڻجي تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ آمريڪي نائب صدر جي ملاقات تي جاري ڪيل بيان ۾ وائيٽ هائوس چيو آهي ته هن ملاقات ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشائي حڪمت عملي جنهن جو اعلان گذريل مهيني ڪيو ويو، ان بابت اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. بيان موجب آمريڪي نائب صدر آمريڪي صدر ٽرمپ جي ان يقين کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۾ اسان جي ڪوششن ۾ حصيدار بڻجي تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. وائٽ هائوس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي نائب صدر انهن طريقن کي اجاگر ڪيو جن ذريعي پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀني جي لاءِ استحڪام ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ ٻين سان گڏجي ڪم ڪري سگهي ٿو. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ آمريڪي نائب صدر افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.