وزيراعظم جي آمريڪا جي نائب صدر سان ملاقات

وزيراعظم جي آمريڪا جي نائب صدر سان ملاقات

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ20ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پنس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا جي نمائندن موجب ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان خطي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي خلاف تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه نقصان کنيو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان عالمي اتحاد جو حصو آهي، هن چيو ته آمريڪا سان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ چاهيون ٿا. ان موقعي تي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي آمد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، آمريڪا پاڪستان سان ڊگهي مدي وارو سهڪار چاهي ٿو، پاڪستان سان بهتر لاڳاپن لاءِ نيون راهون ڳولي رهيا آهيون، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي نائب آمريڪي صدر مائيڪ پنس سان ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير اعزاز چوڌري ۽ فواد حسن فواد به موجود هئا، آمريڪي وفد ۾ ڏکڻ ايشيا لاءِ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز، وائٽ هائوس ۾ پاڪستان ۽ افغانستان بابت قومي سلامتي جو ڊائريڪٽر به شامل هئا.