وزيراعظم جي عالمي اڳواڻن سان لاڀائتيون ملاقاتون ٿيون آهن: تهمينه جنجوعه/ڊاڪٽر مليحه لوڌي

وزيراعظم جي عالمي اڳواڻن سان لاڀائتيون ملاقاتون ٿيون آهن: تهمينه جنجوعه/ڊاڪٽر مليحه لوڌي

نيويارڪ (پاکستان نیوزپوائنٹ20ستمبر2017ء) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي آمريڪا ۾ اهم اڳواڻن سان ملاقاتن ۽ ٻين مصروفيتن جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي عالمي اڳواڻن سان لاڀائتيون ملاقاتون ٿيون آهن، پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ان موقعي تي چيو ته آمريڪي نائب صدر مائيڪ پنس سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ملاقات اهم رهي، افغانستان بابت پاڪستان ۽ آمريڪا ڳالهيون جاري رکندا، ان موقعي تي وزيراعظم آمريڪي نائب صدر کي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن کان آگاهه ڪيو، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، آمريڪي وفد آڪٽوبر ۾ ڳالهين لاءِ پاڪستان ايندو، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ترڪي افغان حڪمت عملي بابت پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي، ترڪ صدر روهنگيا جي مسلمانن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ترڪي بنگلاديش ۾ روهنگيا مسلمانن جي امداد ڪرڻ چاهي ٿو، پرڏيهي سيڪريٽري چيوته سريلنڪا جي صدر سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ملاقات دوران سارڪ سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. شاهه عبدالله سان ملاقات ۾ وزيراعظم اردن جي پناهگيرن لاءِ قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ايران جي صدر محمد حسن روحاني جي ملاقات تمام گهڻي اهميت رکندڙ هئي، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق بابت ايران جي صدر جو بيان خوش آئنده آهي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل رابطن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته او آءِ سي اجلاس ۾ روهنگيا مسلمانن سان مختلف معاملا بحث هيٺ آيا، روهنگيا مسلمانن بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي موقف جي تائيد ڪريون ٿا، بنگلاديش روهنگيا پناهگيرن لاءِ عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي، ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات دوران ايراني صدر چيو ته علائقائي معاملن ۾ پاڪستان کي هڪ اهم مقام حاصل آهي، ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو ته سريلنڪا جي صدر جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات دوران ڪرڪيٽ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.