وزيراعظم جي ايران جي صدر سان ملاقات

وزيراعظم جي ايران جي صدر سان ملاقات

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ20ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي صدر محمد حسن روحاني سان نيويارڪ ۾ اهم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ کانسواءِ علائقائي امن ۽ استحڪام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم پرامن پاڙيسري جي پاليسي جو ورجاءُ ڪندي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هڪ تاريخ، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تي قائم آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي رابطن ۾ اضافي سان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايراني صدر محمد حسن روحاني پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي بارڊر مينيجمينٽ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جائز ۽ حق تي ٻڌل جدوجهد تي ايران جي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اتفاق ڪيو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ذريعي مسئلي جو سياسي حل ڪڍي سگهجي ٿو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان به اتفاق ڪيو ته افغانستان ۾ وڌندڙ عدم استحڪام سبب پاڙيسري ملڪن تي ان جا سخت اثر پيا آهن، تنهن ڪري افغان تڪرار جي حل لاءِ علائقائي پهچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ايراني صدر حسن روحاني روهنگيا جي مسلمانن تي سخت ظلم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو روهنگيا جي مسلمانن جي حالت تي فوري قدم کڻي.