پاڪستان پاران روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار، او آءِ سي کان گڏيل آواز اٿارڻ جو مطالبو

پاڪستان پاران روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار، او آءِ سي کان گڏيل آواز اٿارڻ جو مطالبو

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ20ستمبر2017ء) پاڪستان ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) کان مطالبو ڪيو آهي ته هو روهنگيا جي مسلمان ڀينرن ۽ ڀائرن جي ضمير جو گڏيل آواز بڻجڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ 57 ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي او آءِ سي کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان نيڪ مقصد لاءِ پنهنجو ڀرپور حمايت ڪندو، هن چيو ته او آءِ سي يا گڏيل قومون جي طرفان انساني همدردي جي بنياد تي روهنگيا جي مسلمانن جي ڪنهن به ڪوشش جي ڀرپور حمايت ڪندو، وزيراعظم چيو ته هزارين بي گناهه مرد، عورتون ۽ ٻار ميانمار ۾ پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته تازا واقعا روهنگيا جي مسلمانن جي نسل ڪشي جو زنده مثال آهن، هن چيو ته هيستائين 4 لک کان وڌيڪ روهنگيا جي مسلمانن کي پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، هي بي گناهه ماڻهو پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه ڳولي رهيا آهن، هن چيو ته روهنگيا جي مسلمانن جي ان منظم نسل ڪشي ۽ امتيازي سلوڪ جو هاڻي خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو روهنگيا جي مسلمانن تي ظلم ۽ ستم ۽ انهن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ميانمار جي حڪومت تي هر ممڪن دٻاءُ وجهي. پاڪستان ميانمار جي حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته هو صورتحال ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي ۽ ورهنگيا جي مسلمان آبادي جي تحفظ کي يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته روهنگيا جي حڪومت عالمي قانونن جي پاسداري ڪري ۽ روهنگيا جي مسلمانن خلاف هر قسم جي تشدد جي ڪاررواين کي بند ڪري. پاڪستان گڏيل قومن کان به مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي روهنگيا جي مسلمانن جي خراب حالت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل قومن جو فيڪٽ فائيڊنگ مشن موڪلي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد موڪلڻ جو بندوبست ڪري. وزيراعظم چيو ته ميانمار جي حڪومت روهنگيا جي سمورن پناهگيرن جي محفوظ واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ سازگار حالت پيدا ڪري ۽ انهن جا جائز حق ڏي جنهن ۾ انهن جي شهريت، مذهبي آزادي ۽ ميانمار جي برابر جي شهري جي حيثيت سان انهن جو آزادا گهمڻ ڦرڻ شامل آهي٫