وزيراعظم جي اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات

وزيراعظم جي اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات

گڏيل قومون (پاکستان نیوزپوائنٹ20ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس جي موقعي تي اردن جي شاهه عبدالله دوم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سياسي، معاشي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفا رابطا معمول سان ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شاهه عبدالله دوم کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.