پاڪستان، ڪرغزستان، افغانستان ۽ تاجڪستان جا اڳواڻ ورزوب جي پرفضا مقام تي هڪ ٻئي سان مليا

پاڪستان، ڪرغزستان، افغانستان ۽ تاجڪستان جا اڳواڻ ورزوب جي پرفضا مقام تي هڪ ٻئي سان مليا

پوگس (تاجڪستان) (پاکستان نیوزپوائنٹ 6جولائی2017ء) پاڪستان، ڪرغزستان، افغانستان ۽ تاجڪستان جا اڳواڻ تاجڪ گادي واري شهر دوشنبي کان اٽڪل 36 ڪلوميٽر پري درياءَ جي ڪناري تي سرسبز شاداب واديءَ ورزوب جي پرفضا مقام تي هڪ ٻئي سان مليا ۽ پنهنجي لاڳاپن ۾ گرمجوشي جي اظهار لاءِ ان خوشگوار ماحول مان فائدو کنيو. وزيراعظم محمد نواز شريف کانسواءِ افغان صدر اشرف غني، ميزبان تاجڪ صدر امام علي رحمانوف ۽ ڪرغزستان جي وزيراعظم سوران بي جين بيڪوف ڪاسا 1000 چار ملڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ موجود ڪجهه غلط فهمين ۽ اختلافن کان مٿانهون ٿي هن ايونٽ اڳواڻن کي سڀني جا گڏيل دلچسپي جا معاملا طئي ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو موقعو فراهم ڪيو. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اي پي پي کي ٻڌايو ته ڪاسا 1000 هڪ نعمت ثابت ٿيو جنهن اڳواڻڻ کي ملاقات، خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪنهن به قسم جي اشوز جي حل لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ان کان اڳ آستانه ۾ ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي افغان صدر سان ملاقات ڪئي هئي. هن چيو ته چار ملڪي سربراهه اجلاس پڻ هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو ۽ اميد ڪئي وڃي ٿي ته اهو علائقائي هم آهنگي ۽ گڏيل رابطن جي لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي خواب جي تعبير ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو. ڪاسا جائزه اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ صدر امام علي رحمانوف درياءَ ورزوب جي ڪناري تي پرفضا مقام تي سير ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بعد ۾ افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغز وزيراعظم پڻ مانجهاندي ۾ ساڻس گڏ هئا. افغان صدر اشرف غني پڻ وزيراعظم محمد نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن هو صدر امام علي رحمانوف سان ملاقات کانپوءِ چار ملڪي سربراهه اجلاس ۾ پهتو. نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ ٻئي جو هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪانفرنس هال ۾ داخل ٿيا. جيتوڻيڪ سندن ڳالهه ٻولهه بابت باضابطا طور تي ڪجهه نه ٻڌايو ويو پر خوشگوار ماحول واضح طور تي مثبت اظهار جو اشارو ڏنو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف ڪاسا 1000 ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ زرعي مصنوعات جي نمائش جو دورو ڪيو جتي تاجڪستان جا لذيذ ميوا، خشڪ ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيون زرعي جنسون نمائش لاءِ رکيون ويون هيون. اڳواڻن مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو.