وزيراعظم پاران پوگس محل ۾ زرعي نمائش جو دورو

وزيراعظم پاران پوگس محل ۾ زرعي نمائش جو دورو

پوگس (تاجڪستان) (پاکستان نیوزپوائنٹ 6جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه خميس ڏينهن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ويجهو سرڪاري رهائشگاهه تي پوگس محل ۾ زرعي نمائش جو دورو ڪيو. تاجڪ صدر امام علي رحمانوف، افغان صدر اشرف غني ۽ ڪرغز وزيراعظم سوران بي جين بيڪوگ ساڻس گڏ هئا. نمائش ۾ زرعي مصنوعات رکيون ويون آهن ۽ تاجڪ زرعي مصنوعاتن جي فروغ لاءِ ميون ۽ زرعي جنسن جا مختلف اسٽال هنيا ويا آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمانوف ٻين اڳواڻن سان گڏ پوگس پيلس جي مختلف حصن جو دورو پڻ ڪيو.