وزيراعظم تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

وزيراعظم تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

دوشنبي (پاکستان نیوزپوائنٹ 6جولائی2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه خميس ڏينهن وطن واپس روانو ٿي ويو. تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده ۽ ٻين اعليٰ عملدارن انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. ان موقعي تي تاجڪ گارڊز وزيراعظم کي سلامي ڏني. کيس ڪاسا 1000، چار ملڪي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ان دوري جي تاجڪ صدر امام علي رحمانوف دعوت ڏني هئي. وزيراعظم دوري جي دوران ڪاسا 1000 سربراهه اجلاس، افغانستان، پاڪستان، تاجڪستان ٽه ملڪي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ تاجڪ صدر ۽ وزيراعظم سان جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، انجنيئر خرم دستگير پڻ ساڻس گڏ هئا۔